عربي - سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس

عربي - سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس

عربي سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس

عربي - سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس (ڪتاب): عربي سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جي پڙهڻين تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر الطاف جوکئي جي پي. ايڇ. ڊيءَ جي مقالي تي مشتمل آهي. هي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آهي. جن ۾ باب پهرئين ۾ صورتخطيءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم، باب ٻئي ۾ 1853ع کان 2008ع تائين صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو جائزو، باب ٽئين ۾ صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن لاءِ لسانياتي اصطلاحن جو اڀياس، باب چوٿين ۾ وياڪرڻي معاملن جو اڀياس، باب پنجين ۾ ترجيحي صورتن لاءِ لهجاتي فرق جو اڀياس، باب ڇهين ۾ عربي/ فارسي لفظن جي ترجيحي صورتن جو اصولي اڀياس، باب ستين ۾ ديسي لفظن جي ترجيحي صورتن جو اڀياس ۽ باب اٺين ۾ انگريزي لفظن جو سنڌي صورتخطيءَ ۾ الٿو وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ آخر ۾ سفارشون ۽ ببليوگرافي پڻ شامل آهن. ڪتاب جو مقدمو محقق پاڻ لکيو آهي. جڏهن ته ناشر نوٽ پاران ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکيو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي 369 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو